رانديون

آسٽريلوي ڪرڪيٽرن جوتي ۾ شراب پيڻ جي روايت ورجائي

دبئي جي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ ڪرڪيٽ جا سمورا شوقين توڙي اسڪرين تي موجود مداح نھ رڳو حيرت ۾ اکيون ڦاڙيندي نظر آيا، پر ان سان گڏ انهن جي چهرن تي ناپسنديدگي جو اظهار پڻ نظر آيو ۽ اهو سڀ ڪجهه آسٽريلوي ڪرڪيٽرن جي جوتن ۾ شراب وجهي پيئڻ آهي. جوتي ۾ شراب وجهي پيئڻ کي آسٽريليا جا ماڻهو شوئي رسم سڏيندا آهن، اها ڪيتري قديم آهي ۽ ڪٿان شروع ٿي، ان بابت ڪا مستند ڄاڻ ناهي، پر ٻڌڻ ۾ اچي ٿو تھ 19هين صدي ۾ اها جرمني مان شروع ٿي هئي. جڏهن تھ هاڻ اها رسم خالص آسثريلوي بڻجي وئي آهي، جنهن کي ڪيترائي ڀيرا عمل ۾ آندو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button