رانديون

بنگلاديش ٻئي ٽي 20 ۾ بھ انگلينڊ کي هارائي سيريز کٽي ورتي

بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻئي ٽي 20 ۾ 4 وڪيٽن تان انگلينڊ کي شڪست ڏئي لاڳيتو 2 ميچون کٽي سيريز پڻ کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق انگلينڊ جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 117 رنسن تي آئوٽ، بين ڊڪيٽ 28 ۽ فل سالٽ 25 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، معين علي 15، سيم ڪرن 12 ۽ ريحان احمد 11 رنسون ڪيون، باقي بيٽر  سنگل ڊجيٽ ۾ رهيا. بنگلاديش جي مهدي حسن 4 وڪيٽون وٺي انگلش بيٽنگ کي محدود ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ٽيم 6 وڪيٽن تي 120 رنسون ٺاهي ميچ کٽي ورتي، جنهن ۾ نجم الحسن شنٽو 46 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو، مهدي حسن 20، توحيد هردوئي 17 رنسون ڪيون. جڏهن تھ انگلش بالر جوفرا آرچر بھ 3وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button