ڀارت جي اسٽار ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي ٽن سالن بعد ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سينچري ٺاهي ورتي آهي، جنهن بعد ٽيم 571 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ميڊيا مطابق احمد آباد ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن جي راند ۾ ويرات ڪوهلي 15 چوڪن جي مدد سان 186 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، شبمن گل 128، اڪشر پٽيل 79، سرڪار ڀارت 44 رنسون ٺاهيون. انگلش بالرن ٽوڊ مرفي ۽ ناٿن ليان 3،3 شڪار ڪيا، راند ختم ٿيڻ وقت آسٽريليا بنا نقصان جي 3 رنسون ٺاهيون هيون. آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 480 رنسون ڪيون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close