رانديون

ڀارت آسٽريليا کان سيريز کٽي ورتي، آخري ٽيسٽ بنا نتيجي ختم

آسٽريليا ۽ ڀارت جي وچ تي چئن ميچن واري ٽيسٽ سيريز بنا نتيجي ختم ٿي وئي آهي، جنهن سان ڀارت ٻن ميچن ۾ ڪاميابي سبب سيريز آسٽريليا کان کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق احمد آباد ٽيسٽ جي آخري ڏينهن تي آسٽريليا 2 وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنسون ٺاهيون هيون تھ وقت ختم ٿي ويو، جنهن سبب ڀارت ٻي اننگز کيڏي نھ سگهيو ۽ ميچ فيصلائتي نھ ٿي سگهي. آسٽريليا جي بيٽرن ٽريوس هيڊ 90 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، مارنس ليبوشين 63 ۽ اسٽيو سمٿ 6 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا. ان کان اڳ آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 480 ۽ ڀارت 571 رنسون ڪيون. ڀارت جو روي چندر ايشون 25 وڪيٽن ۽ 86 رنسن سان پليئر آف دي سيريز ۽ ويرات ڪوهلي 186 رنسن جي اننگز سان پليئر آف دي ميچ جا ايوارڊ کٽيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button