رانديون

نيشنل باڪسنگ چيمپيئن شپ مقابلا، مريم گولڊ ميڊل کٽي ورتو

نيشنل باڪسنگ چيمپيئن شپ جي ويمنز سنگلز مقابلڻ ۾ مريم مخالف رانديگرياڻي کي شڪست ڏئي پهريون گولڊ ميڊل کٽي ورتو آهي. ميڊيا مطابق ڪي پي ٽي ۾ جاري ايونٽ ۾ ويمنز فلائي ويٽ فائنل ۾ ڪي پي ٽي جي مريم آرمي جي رمشا کي شڪست ڏئي گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪيو آهي. هوڏانهن مينز سيمي فائنل ۾ نيوي جي تنوير احمد واپڊا جي ڪرار حسين کي شڪست ڏني آهي. ياد رهي تھ ايونٽ ۾ مردن جا 13 ۽ عورتن جا 7 ڪيٽيگرين ۾ مقابلا ٿيڻا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button