رانديون

سبالينڪا ۽ سڪاري انڊين ويلز جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويون

آمريڪا ۾ جاري انڊين ويلز ٽينس مقابلن ۾ آريانا سيبالينڪا ۽ ماريا سڪاري ڪوارٽر فائنل ۾ ڪاميابي ماڻي سيمي فائنل ۾ پهچي ويون آهن. ميڊيا مطابق انڊين ويلز ٽينس ٽورنامينٽ جي ڪوارٽر فائنل مقابلن ۾ يونان جي ٽينس اسٽار ماريا سڪاري مخالف رانديگرياڻي چيڪ ريپبلڪ جي پيٽرا ڪيٽوف کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي. هوڏانهن ٻئي ڪوارٽر فائنل ۾ بيلاروس جي آريانا سيبالينڪا آمريڪي رانديگرياڻي ڪوڪو گاف کي هارائي سيمي فائنل ۾ پهتي، هاڻ آريانا سيبالينڪا ۽ ماريا سڪاري وچ ۾ فائنل ۾ رسائي جو مقابلو اڄ ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button