رانديون

سوئٽرزلينڊ جو گياني انفانٽينو ٻيهر فيفا جو صدر چونڊجي ويو

سوئٽرزلينڊ سان تعلق رکندڙ فٽبال ايڊمنسٽريٽر گياني انفانٽينو هڪ ڀيرو ٻيهر فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا جو صدر چونڊجي ويو آهي. ميڊيا مطابق فيفا جي 73هين ڪانگريس جو اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ گياني انفانٽينو کي سندس ڪيل جي ڪم جي مڃتا ڏيندي هڪ ڀيرو ٻيهر فيفا جو بنا مقابلي صدر چونڊيو ويو آهي، جيڪو 2027ع تائين تنظيم جي قيادت ڪندو. گياني انفانٽينو ڪانگريس کي خطاب ڪندي ٻڌايو تھ وڏو اعزاز ڏيڻ تي خوش آهيان، ايندڙ مدي دوران فٽبال مان رڪارڊ آمدني ٿيندي ۽ وڌ ۾ وڌ ميچون ڪرائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button