رانديون

نيوزيلينڊ جون 155 رنسون، 2 آئوٽ، راند وقت کان اڳ ختم

نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ خراب روشني سبب سڄي ڏينهن جي راند نھ کيڏجي سگهي آهي ۽ ان کي وقت کان اڳ ئي ختم ڪيو ويو. ميڊيا مطابق ولنگٽن جي ميدان تي شروع ٿيل ٻي ۽ آخري ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن نيوزيلينڊ پهرين اننگز جي بيٽنگ ڪندي 2 وڪيٽن تي 155 رنسون ٺاهي ورتيون، جنهن ۾ اوپنر ڊيون ڪونوي 78 ۽ ٽام ليٿم 21رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي واپس هليا ويا، ڪين وليمسن 18 ۽ هينري نڪولس 12 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا تھ روشني خراب ٿي وئي، جنهن بعد راند کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سريلنڪا جي بالرن ڪوسن رجيٿا ۽ ڌننجيا ڊي سلوا هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button