رانديون

مون کي گندي سياست جو حصو نھ بڻايو وڃي: شاهد آفريدي

پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر شاهد آفريدي پنهنجي نالي سان منسوب عمران خان بابت هڪ وائرل ٿي ويل بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي تھ مهرباني ڪري مون کي گندي سياست جو حصو نھ بڻايو وڃي. وڊيو پيغام ۾ شاهد آفريدي جو چوڻ هو تھ عمران خان بابت بيان ٻن ڏينهن کان هلي رهيو آهي، اهو جيڪو ڪري رهيو آهي، افسوسناڪ آهي، مان انهن جي سياست ۾ نٿو پوڻ چاهيان، نھ سندن حصو آهيان، منهنجو هڪ ئي سياست تي يقين آهي، اهو ملڪ ۽ ان جي خدمت ڪرڻ آهي. ياد رهي تھ شاهد آفريدي جي نالي سان بيان ۾ عمران خان کي گرفتاري ڏيڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button