رانديون

ڏکڻ آفريقا جي 15 ويمن ڪرڪيٽرن کي ڪانٽريڪٽ ملي ويو

ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي 15 ويمن ڪرڪيٽرن کي نئون ڪانٽريڪٽ ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن جي نالن جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق بورڊ ويمنز رانديگرياڻين کي سينٽرل ڪانتريڪٽ سال 2023ع ۽ 2024ع لاءِ ڏنو ويو آهي، جن رانديگرياڻين کي ڪانٽريڪٽ مليو آهي، انهن ۾ انيڪ بوش، ڊيلمي ٽڪر ۽ نيڊني ڊي ڪلارڪ رٽائرڊ ٿي ويل ڊي وان نيڪرڪ، لزلي لي ۽ تريشا چيٽي جي جڳهه والاري آهي. جڏهن تھ باقي رانديگرياڻين ۾ شبنم اسماعيل، تزمين برٽس، لارا گڊال، مسابتا ڪلاس، سني ليوس، لورا والورٽ ۽ ٻيون شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button