رانديون

الڪراز ۽ ريباڪنا انڊين ويلز چيمپيئن شپ کٽي ورتي

اسپين جي ٽينس اسٽار ڪارلوس الڪراز ۽ قزاقستان جي ٽينس رانديگرياڻي ايلانا ريباڪنا انڊين ويلز جي فائنل ۾ مخالف رانديگرن کي شڪست ڏئي چيمپيئن شپ کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ويمنز سنگلز جي فائنل ۾ قزاقستان جي رانديگرياڻي ايلان ريباڪنا بيلاروس جي آريانا سيبالينڪا کي شڪست ڏئي ٽرافي حاصل ڪري ورتي. جڏهن تھ مينز سنگلز ۾ اسپين جو ڪارلوس الڪراز وري روس جي ڊينل ميدادوف کي شڪست ڏئي فائنل ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. هوڏانهن رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ايلانا ريباڪنا ۽ ڪارلوس الڪراز اهم ٽائيٽل کٽي دنيا جي نمبر ون ٽينس اسٽار جو اعزاز ماڻيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button