رانديون

نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاهور مان شروع ٿيندي، شيڊول تبديل

نيوزيلينڊ خلاف ٽي 20 ۽ ون ڊي ميچن تي ٻڌل ڪرڪيٽ سيريز جو شيڊول تبديل ڪيو ويو آهي، جنهن تحت هاڻ ڪراچي بدران پهرين ميچ لاهور ۾ کيڏي ويندي. ميڊيا مطابق پي سي بي ۽ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي اختيارين پاڻ ۾ رابطا ڪري ڪراچي کان ميچن جي تبديل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻنهي بورڊن وچ ۾ مشورن بعد ڪيل فيصلن موجب نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان جي دوري دوران 5 ٽي 20 ۽ 5 ون ڊي ميچن واري سيريز کيڏندي، جن ۾ پهريان 3 ٽي 20 ميچ لاهور ۾ 14 اپريل، 15 اپريل ۽ 17 اپريل تي کيڏيا ويندا. راوالپنڊي ۾ 20 اپريل تي چوٿون ٽي 20 ۽ 24 اپريل تي پنجون ٽي 20 کيڏجندو. جڏهن تھ پهرين ون ڊي بھ پنڊي جي اسٽيڊيم ۾ ئي ٿيندو. نئين شيڊول تحٽ دوري جا باقي چار ون ڊي ميچ ڪراچي ۾ کيڏيا ويندا، جن ۾ ٻيون ون ڊي 30 اپريل، ٽيون ون ڊي 3 مئي، چوٿون ون ڊي 5 مئي ۽ آخري ون ڊي 7 مئي تي ٿيندو. ذريعن موجب شيڊول ۾ پنجاب ۾ صوبائي چونڊن جي تاريخن کي ڏسي تبديلي آندي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button