رانديون

ليجنڊز ليگ جي ٽرافي شاهد آفريدي جي ايشيا لائنز کٽي ورتي

ليجنڊز ليگ جي ٽرافي شاهد آفريدي جي ايشيا لائنز کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق دوحا جي ميدان تي کيڏيل ليگ جي فائنل ۾ ورلڊ جائنٽس 4 وڪيٽن تي 147 رنسون ڪيون، جنهن ۾ جيڪس ڪيلس 78 جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، راس ٽيلر 32، لينڊل سائمن 17 رنسون ڪيون. ايشيا لائنز جي عبدالرزاق 2 ۽ ٿسارا پريرا هڪ وڪيٽ ورتي. ايشيا لائنز 3 وڪيٽن تي هدف ماڻيو، اپل ٿرنگا 57 ۽ تلڪارتني ڊلشان 58 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ اپل ٿرنگا 221 رنسن سان پليئر آف سيريز ۽ عبدالرزاق 2 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف ميچ جا ايوارڊ ماڻيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button