رانديون

بابراعظم کي 23 مارچ تي ستارا امتياز سان نوازيو ويندو

پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم کي 23 مارچ تي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ جي اعليٰ سول اعزاز ستارا امتياز سان نوازيو ويندو. ميڊيا مطابق بابراعظم کي ڪرڪيٽ ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏيڻ تي وڏو اعزاز ڏنو پيو وڃي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ بابراعظم سول اعزاز ستارا امتياز حاصل ڪرڻ بعد ستارا امتياز ماڻيندڙ پاڪستان جي ننڍي ڄمار واري رانديگر جو اعزاز پڻ پنهنجي نالي ڪندو. ياد رهي تھ بابراعظم افغانستان خلاف سيريز ۾ شامل نھ هجڻ سبب 23 مارچ جي تقريب ۾ شريڪ ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button