
پي ايس ايل جي فرنچائيز ملتان سلطانز جي مينيجر حيدر اظهر مٿان ظابطا اخلاق ٽوڙڻ تي هڪ ميچ جي پابندي لڳائي وئي آهي. ميڊيا مطابق پي ايس ايل 8 جي فائنل ۾ لاهور قلندرز سان مقابلي دوران امپائرز سان ڇڪتان واري واقعي سبب ملتان سلطانز جي مينيجر خلاف پي سي بي اختيارين سزا جو فيصلو ٻڌايو آهي.