رانديون

ايمباپي فرانس جي فٽبال ٽيم جو ڪپتان ۽ گريزمن نائب مقرر

فرانس جي قومي فٽبال ٽيم جي مينيجمينٽ ايمباپي کي نئون ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان گڏ انٽوني گريزمن نائب ڪپتان بڻايو ويو آهي. ميڊيا مطابق فرانس جي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان هيوگو لوريس جي رٽائرمينٽ بعد مينيجمينٽ ايمباپي کي قيادت حوالي ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ انٽوني گريزمن ڪپتان بڻجڻ جو اميدوار هو، جيڪو قيادت ايمباپي کي ملڻ تي ڪاوڙيل نظر اچي رهيو هو، پر نئين ڪپتان ايمباپي ساڻس ملاقات ڪري صوتحال کي چٽو ڪري ورتو آهي. ياد رهي تھ هيوگو لوريس قطر ورلڊ ڪپ ۾ گولن جي هيٽرڪ ڪرڻ سميت شاندار راند بھ کيڏي، پر ارجنٽينا پينلٽي ڪڪس جي بيناد تي عالمي چيمپيئن بڻجي ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button