رانديون

ڪيريئر جي عروج تي مون کي زهر ڏنو ويو هو: عمران نذير

پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر عمران نذير انڪشاف ڪيو آهي تھ ڪيريئر جي عروج تي مون کي زهر ڏنو ويو هو. ميڊيا جي پوڊ ڪاسٽ پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ مون تازو ئي پنهنجي ايم آر آئي ڪرائي، ان ۾ سست رفتار زهر مرڪري ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جيڪو مون کي ڏنو ويو هو. هن چيو تُھ هي زهر هڏن جي جوڙن ۾ پهچندو آهي، مون 8 کان 10 سال انهن جو علاج ڪرايو، ڇوتھ اهي خراب ٿي چڪا هئا. هن چيو تھ ڪيترن ئي ماڻهن تي شڪ هو، هن زهر ۾ ترت اثر ناهي، تنهنڪري جلد ڄاڻ نھ پئي، خبر ناهي تھ ڪئين ڏنو ويو، مون ڪٿي ۽ ڇا کاڌو هو. هن شاهد آفريدي جي مدد تي سندس ٿورو مڃيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button