رانديون

يوئيفا ڪواليفائر مقابلن ۾ پرتگال، انگلينڊ، ڊنمارڪ ڪامياب

يوئيفا چيمپيئن ليگ 2024ع جي ڪواليفائر مقابلن ۾ پرتگال، انگلينڊ، ڊنمارڪ ۽ ناردرن آئرلينڊ پنهنجا پنهنجا مقابلا کٽي ورتا آهن، سلواڪيا ۽ ليگزمبرگ وچ ۾ ميچ بنا نتيجي ختم ٿي وئي. ميڊيا مطابق پرتگال ٻڙي جي ڀيٽ ۾ 4 گولن تان ليچسٽن کي شڪست ڏني آهي، جنهن ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو 2 گول ڪري پاڻ مڃايو. هڪ گول جائو ڪينسلو ۽ هڪ گول برناڊو سلو ڪيو آهي. جڏهن تھ انگلينڊ 2 گول ڪري اٽلي کي هارايو، اٽلي هڪ گول ڪري سگهي. ڊنمارڪ 3 گول ڪري فتح ماڻي، فنلينڊ هڪ گول ڪيو. اهڙي ريت ناردرن 2 گول ڪري ڪاميابي ماڻي، سان مرينو ڪوبھ گول ناهي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button