رانديون

افغانستان خلاف سيريز لاءِ پليئنگ اليون جو اعلان، 4 رانديگرن جي ڊيبو

افغانستان خلاف سيريز لاءِ پليئنگ اليون جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تحت 4 نوان رانديگر ڊيبو ڪري رهيا آهن. ميڊيا مطابق ٽيم جي ڪپتان شاداب خان شارجا ۾ پريڪٽس دوران پليئنگ اليون جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ ۾ محمد حارث، عبدالله شفيق، عماد وسيم، نسيم شاهه، فهيم اشرف، اعظم خان پنهنجي تجربي جي بنياد تي ميدان ۾ لهندا. جڏهن تھ احسان الله، صائم ايوب، زمان خان ۽ طيب طاهر کي پڻ پليئنگ اليون جو حصو بڻايو ويو آهي، جيڪي افغانستان خلاف عالمي ٽي 20 ۾ ڊيبو ڪندا. هوڏانهن پاڪستان ۽ افغانستان جا تماشائي  ڌار ڌار اسٽينڊز ۾ ويهارڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جن جي وچ ۾ سيڪيورٽي کي بھ سخت ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تھ گذريل ورلڊ ڪپ جي ميچ دوران افغانستان جي تماشائين پاڪستاني تماشائين خلاف جارحاڻو رويو اختيار ڪندي حملا ڪيا هئا. هوڏانهن ٽي 20 سيريز ۾ ڊيبو ڪندڙ احسان الله، صائم ايوب، زمان خان ۽ طيب طاهر جو چوڻ آهي تھ ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ تي خوشي ٿي آهي، ڇوتھ اها اسان جي خواهش هئي. هوڏانهن حار رئوف بيان ۾ چيو آهي تھ، نوجوان پاڻ صلاحيتون ثابت ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button