رانديون

افغانستان پهريون ڀيرو ٽي 20 ۾ پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽي 20 ميچ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ برتري ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني ڪپتان شاداب خان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو بهتر ثابت نھ ٿيو، ڇوتھ پاڪستاني بيٽر رڳو 92 رنسن تي ڍير ٿي ويا، جن ۾ عماد وسيم 18، صائم ايوب 17، طيب طاهر 16 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ 7 بيٽر ڊبل فگر ۾ ئي نھ اچي سگهيا آهن. افغان بالر فضل الحق فاروقي، مجيب الرحمان، محمد نبي 2،2 وڪيٽون ورتيون. اهڙي ريت افغانستان جي بيٽرن 18 اوور ۾ 4 وڪيٽن تي 98 رنسون ٺاهي ڪاميابي ماڻي ورتي، جنهن ۾ افغان بيٽر محمد نبي 38 رنسن جي اننگز کيڏي، نجيب الله زادران 17 ۽ رحمان الله گرباز 16 رنسون ٺاهي پاڻ ملهايو. پاڪستاني بالر احسان الله 2 وڪيٽون ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button