رانديون

سعودي ويمنز فٽبال ٽيم فيفا رينڪنگ ۾ جڳهه ٺاهي ورتي

سعودي عرب جي ويمنز فٽبال ٽيم 2 سالن جي مختصر عرصي ۾ فيفا جي رينڪنگ ۾ هڪ پوائينٽس جي جڳهه ٺاهي ورتي آهي. ميڊيا مطابق سعودي ويمنز ٽيم فيفا جي رينڪنگ ۾ شامل ٿيڻ بعد ايشين ڪنفيڊريشن کان منظور ڪيل ٽورنامينٽس ۾ پڻ کيڏي سگهندي. هوڏانهن ويمنز فٽبال ٽيم جي آفيشل سوشل ميڊيا پيج تي ڄاڻايو ويو آهي تھ خوشي جي ڳالهه آهي تھ ٽيم مختصر عرصي ۾ فيفا رينڪنگ ۾ شامل ٿي وئي آهي، سعودي فٽبال ايسوسيئيشن جي صدر ۽ فيفا جي رڪن ياسر المسحل جو چوڻ آهي تھ، ڏيڍ سال ۾ ويمنز ٽيم وڏي ڪاميابي ماڻي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button