رانديون

پاڪستان کي هارائڻ تي افغان رانديگرن مٿان ڊالرن جي برسات

افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم پاران پاڪستان کي لاڳيتو ٻن ٽي 20 ميچن ۾ شڪست ڏئي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سيريز کٽي رڪارڊ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ٽيم تي ڊالرن جي انعام جي برسات ٿي آهي. ميڊيا مطابق افغانستان جي ٽيم پهريون ڀيرو پاڪستان کي ٽي 20 سيريز ۾ شڪست ڏني، جنهن ۾ پاڪستان 130 رنسون ٺاهيون ۽ افغانستان 131 رنسن جو هدف رڳو 3 وڪيٽن تي حاصل ڪيو آهي. هوڏانهن افغان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ڊريسنگ روم ۾ پهچي ٽيم کي ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن. هن 15 رڪني ٽيم جي هر رانديگر کي 3 هزار ڊالر ۽ جديد آئي فون انعام ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. بورڊ جي چيئرمين چيو تھ ريزرو رانديگر کي 2هزار ڊالر ۽ ايڊمن اسٽاف کي هڪ، هڪ هزار ڊالر ڏنا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button