
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي تھ پي سي بي جو نون ڇوڪرن کي موقعو ڏيڻ تعريف جوڳو قدم آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ نون رانديگرن سان گڏ سينيئر رانديگر بھ کيڏائڻ گهرجن ها تھ جيئن جونيئر انهن کان سکڻ جو ڪوشش ڪن ها، جيڪو وڌيڪ بهتر ٿئي ها.