
ايران ٽيون ڀيرو اي ايف سي بيچ سوڪر ايشين ڪپ کٽي چيمپيئن بڻجي ويو آهي. ميڊيا مطابق سوڪر ايشين ڪپ جي فائنل ۾ ايران جي ٽيم 6 گول ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، جنهن جي سامهون اڳوڻي چيمپيئن جاپان جي ٽيم ڪوبھ گول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. ايشين ڪپ جي ٽورنامينٽ ۾ اومان ٽين ۽ يو اي اي جي ٽيم چوٿين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. ان کان اڳ ايران ڪوارٽر فائنل ۾ جارحاڻي راند کيڏندي بحرين کي 11 گول ڪري شڪست ڏني آهي.