رانديون

پاڪستان ويمن ٽيم ورلڊ ڪپ ڪواليفائر کيڏڻ زمبابوي رواني

پاڪستان ويمن ڪرڪيٽ ٽيم ڪپتان جويريا خان جي اڳواڻي ۾ ورلڊ ڪپ ڪواليفائر رائونڊ کيڏڻ زمبابوي رواني ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق قومي ويمن ٽيم جو 18 رڪني اسڪواڊ صبح جو سوير جهاز ذريعي هراري پهچي ويو آهي. جڏهن تھ ٽيم ۾ 15 رانديگرياڻيون شامل آهن، جڏهن تھ وڌيڪ ٽي ريزرو ۾ کنيون ويون آهن. ان کان اڳ پي سي بي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، جنهن تحت، ڪپتان جويريا خان، منيبا علي ۽ سدرا نواز وڪيٽ ڪيپر، عاليا رياض، انم امين، ڊيانا بيگ، فاطمھ ثنا، عائشھ ظفر، ارم فاطمھ، ڪائنات امتياز ۽ ٻيون اسڪواڊ جو حصو بڻيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button