رانديون

پاڪستان وائيٽ واش کان بچي ويو، افغانستان کي آخري ٽي ۾ 20 شڪست

افغانستان خلاف ٽيون ۽ آخري ٽي 20 ۾ پاڪستان فتح ماڻي پاڻ کي وائيٽ واش ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق شارجا ۾ ٽي 20 سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان 7 وڪيٽن تي 183 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ صائم ايوب 49، شاداب خان 28، عبدالله شفيق 23 رنسن سان نمايان رهيا. اننگز ۾ افغان بالر مجيب 2 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهايو آهي. جڏهن تھ 183 رنسن جو هدف ماڻڻ پويان افغستان جي سڄي ٽيم 19 اوور ۾ 116 تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ افغان بيٽر رحمان گرباز 18، محمد نبي 17، راشد خان 16 رنسون ڪيون آهن. پاڪستاني بالر احسان الله ۽ ڪپتان شاداب خان 3، 3 وڪيٽون وٺي فتح ماڻي ٽيم کي وائيٽ واش ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. هوڏانهن شاداب خان 28 رنسون ۽ 3 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ کنيو آهي. افغانستان جي بيٽر 69 رنسن ۽ 3 وڪيٽن تي پليئر آف دي سيريز بڻجي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button