نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا کي آخري ون ڊي ۾ شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ ۾ سڌري ريت ڪواليفائي ڪرڻ جو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد سريلنڪا کي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڪواليفائر ميچ کيڏڻا پوندا. ميڊيا مطابق ٽن ميچن واري سيريز جي آخري ون ڊي ۾ نيوزيلينڊ 6 وڪيٽن تان سريلنڪا کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. سريلنڪا جي ٽيم 157 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ پيٿم نشانڪا 57 رنسن سان مزاحمت ڪئي، جنهن ۾ ڊوسن شناڪا بھ 31 رنسون ٺاهي ساٿ ڏنو، پر سندن ڪوششون ڪامياب نھ ٿي سگهيون، باقي بيٽرن ۾ چميڪا ڪرونارتني 24، ڌننجيا ڊي سلوا 13 رنسون ڍاهيون، ٽيم جا 4 بيٽر ٻڙي تي آئوٽ ٿي واپس ويا. نيوزيلينڊ جي بالرن هينري شپلي، ميٽ هينري ۽ ڊيرل مچل 3،3 شڪار ڪري ٽيم کي ڪاميابي ۾ مدد ڏني. نيوزيلينڊ جي ٽيم 4 وڪيٽن تي 33 اوور ۾ هدف ماڻي فتح حاصل ڪري ورتي، جنهن ۾ ول ينگ 86 ۽ نڪولس 44 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهي ميچ کٽرائي ورتي. جڏهن تھ اوپنر شيڊ باويس، ٽم بلينڊل سميت ٽام ليٿم ۽ ڊيرل مچل سنگل ڊجٽ ۾ آئوٽ واپس هليا ويا هئا. سريلنڪن بالر لهروم ڪمار 2 وڪيٽون ورتيون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close