رانديون

ميامي اوپن ۾ ريباڪنا فائنل ۽ الڪراز سيمي فائنل ۾ پهتا

ميامي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي ويمنز سنگلز جي مقابلن ۾ قزاقستان جي ٽينس اسٽار ايلانا ريباڪنا آمريڪا سان تعلق رکندڙ جيسيڪا پگولا کي سيمي فائنل ۾ شڪست ڏئي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي. هوڏانهن مينز سنگلز جي ڪاورٽر فائنل ۾ اسپين جي ڪارلوس الڪراز سخت مقابلي بعد آمريڪي ٽينس اسٽار ٽيلر فرٽز کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو آهي.

ميامي اوپن ٽينس جي فائنل ۾ جڳهه ٺاهيندڙ ايلان اريباڪنا

هوڏانهن چيڪ رانديگرياڻي پيٽرا ڪويٽووا وري روس جي ايڪٽرينا ايليگزينڊروف کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي، جيڪا رومانيا جي سورانا ڪرسٽيا سان فائنل ۾ پهچڻ لاءِ مقابلو ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button