رانديون

آئرلينڊ آخري ٽي 20 ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي ڇڏي

آئرلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم آخري ٽي 20 ميچ ۾ بنگلاديش کي 7 وڪيٽن تان شسڪت ڏئي پاڻ کي وائيٽ واش ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق بنگلاديش جي ٽيم پهرين کيڏندي 124 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ شميم حسين 51 رنسن سان نمايان رهيو، روني تلڪدار 14، نسيم احمد 13 ۽ توحيد هردوئي 12 رنسون ڪيون. جڏهن تھ آئرلينڊ جي بالر مارڪ اڊيئر 3، ميٿيو همفري 2 وڪيٽون ورتيون. آئرلينڊ جي بيٽرن 3 وڪيٽن تي 14 اوور ۾ هدف ماڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، جنهن ۾ پال اسٽرنگ 77 رنسن سان نمايان رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button