رانديون

ڪوئٽا گليڊيئٽرز جي لاڳيتو شڪستن تي مينيجر جي خاموش تنقيد

پي ايس ايل جي فرنچائيز ڪوئٽا گليڊيئٽرز جي ٽن سالن کان لاڳيتو شڪستن ۽ خراب پرفارمنس تي مينيجر اعظم خان خاموش نموني سان تنقيد ڪئي آهي. خانگي ٽي وي موجب اعظم خان جو چوڻ آهي تھ ٽيم جي  سليڪشن ۾ منهنجو ڪردار ناهي، مالڪ نديم عمر، ڪوچ معين خان ۽ ميڊيا مينيجر نبيل هاشمي ٽيم ٺاهن ٿا، پر بدقسمتي سان ٽيم لاڳيتو پرفارم نھ ڪري رهي آهي. هن چيو تھ ڪپتان سرفراز احمد ٻن سالن کان پرفارم نھ پيو ڪري، پر اهو سڀ ڪنهن بھ رانديگر سان ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري سرفراز احمد کي ٽارگيٽ بڻائڻ درست ناهي، سعود شڪيل کي ٽيم ۾ کيڏايو نھ پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button