رانديون

نيوزيلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان اڄ ڪيو ويندو

نيوزيلينڊ خلاف پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان اڄ ڪيو ويندو، جنهن لاءِ چيف سليڪٽر، ڪپتان بابراعظم ۽ چيئرمين مينيجمينٽ ڪاميٽي پاڻ ۾ گڏجي ٽيم جي سليڪشن ڪندا. هوڏانهن پاڪستاني ٽيم جي ڊائريڪٽر ۽ ڪنسلٽنٽ مڪي آرٿر جي ڏيهه اچڻ جي تاريخ اڃا تائين طئي نھ ٿي سگهي آهي، پر هيڊ ڪوچ برينڊن برن ۽ بيٽنگ ڪوچ ايڊريو پيوٽڪ پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ جي تيار ٿي چڪا آهن، جيڪي ڪيڏي مهل بھ پاڪستان پهچي ويندا. جڏهن تھ بالنگ ڪوچ مورڪل آئي پي ايل بعد ايندو، ٻئي طرف ريحان الحق کي قومي ٽيم جو مينيجر بڻائڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. هوڏانهن سيريز جي پهرين ٽن ميچن لاءِ ٽڪيٽن جو آن لائن وڪرو شروع، خريدارن ۾ وڏو جذبو نظر اچي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button