رانديون

ڀارتي آل رائونڊر سليم دراني بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

ڀارت جو مشهور ڪرڪيٽر سليم دراني بيماري سبب 88 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق 11 ڊسمبر 1934ع ۾ افغانستان جي شهر ڪابل ۾ جنم وٺندڙ سليم دراني جلد اچي ڀارت کي پنهنجو مسڪن بڻايو، جتي هن ڪرڪيٽ ۾ آل رائونڊر طور پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪيو. سليم دراني 29 ٽيسٽ ميچ کيڏيا، جن ۾ هن بيٽر طور 1202 رنسون ٺاهيون، جن ۾ هڪ سينچري ۽ 15 ففٽيون شامل آهن. جڏهن تھ فرسٽ ڪلاس ۾ سندس رنسون 8545 هيون ۽ 484 وڪيٽون ورتيون. ڀارتي حڪومت ڪرڪيٽر طور مڃتا ڪندي کيس ارجنا ايوارڊ پڻ ڏنو هو. هو آخري ڏهاڙن ۾ گجرات جي شهر ڄام نگر ۾ رهيو، اتي ئي سندس موت ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button