رانديون

عامر خان 2 سالن تائين باڪسنگ نھ کيڏندو، پابندي لاڳو

پاڪستان ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان تي ٻن سالن لا باڪسنگ کيڏڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. ميڊيا مطابق عامر خان تي سال 2022ع دوران منع ڪيل دوائن جي استعمال جو الزام هو، جنهن ۾ مٿس پابندي لڳي آهي. ميڊيا مطابق اينٽي ڊوپنگ ڪاميٽي جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي تھ 2022ع ۾ عامر خان ڪيل بروڪ خلاف مقابلي دوران عامر خان جي يورين جو سيمپل ورتو ويو، جنهن ۾ اوسٽارين دوا جا جزا مليا، پر اها ميچ عامر خان هارائي ويو هو. هوڏانهن عامر خان پاڻ بھ دوا جي استعمال جو اعتراف ڪيو آهي، پر سندس چوڻ آهي تھ اهو اڻڄاڻائي ۾ ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button