رانديون

ريال ميڊرڊ اسپينش ڪپ جي فائنل ۾ پهچي وئي، بارسلونا کي شڪست

اسپينش ڪپ جي سيمي فائنل ۾ بارسلونا کي شڪست ڏئي ريال ميڊرڊ ايونٽ جي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي. ميڊيا مطابق اسپينش ڪپ جي سيمي فائنل ۾ ريال ميڊرڊ بارسلونا کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ 4 گولن تان شڪست ڏني آهي، جنهن ۾ ڪريم بينزما گول جي هيٽرڪ ٺاهي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو آهي، باقي هڪ گول وني جونيئر ڪري پاڻ ملهايو آهي. جڏهن تھ بارسلونا جا رانديگر ڪوشش ڪرڻ باوجود ڪوبھ گول نھ ڪري سگهيا آهن. هوڏانهن ايونٽ جي ٽرافي واري ويڙهه ۾ فائنل جو مقابلو ريال ميڊرڊ ۽ اوساسونا جي ٽيمن وچ ۾ ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button