نيوزيلينڊ جي ڪين وليمسن مينز ۽ ويمنز ۾ پاپو نيو گني جي سيبونا جمي ۽ ٻين مارچ مهيني جي پلئير آف دي منٿ لاءِ نامزدگي ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق آئي سي سي جي نامزدگين ۾ پاڪستان مان مينز ۽ ويمنز رانديگرياڻين نامزدگي نھ ماڻي آهي.
آئي سي سي موجب مينز ۾ نيوزيلينڊ جو ڪين وليمسن، بنگلاديش مان شڪيب الحسن ۽ يو اي اي مان آصف خان نامزدگي ماڻي آهي. ويمنز ۾ پاپوا نيو بني جي سيبونا جمي، روينا اووا ۽ روانڊا جي هينريٽ اشموي کي نامزد ڪيو ويو آهي.