رانديون

ٽڪر ۽ ٽيڪٽر جي شاندار راند، آئرلينڊ جون ٻي اننگز ۾ 286 رنسون، 8 آئوٽ

آئرلينڊ جي بيٽرن لورڪن ٽڪر ۽ هيري ٽيڪٽر شاندار راند کيڏندي ٽيم جي اسڪور کي وڌائي راند ۾ واپس آڻي ڇڏيو آهي، جنهن سبب ٽيم راند جي ٽئين ڏينهن تي 8 وڪيٽون وڃائي 286 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق آئرلينڊ پهرين اننگز ۾ ناڪامي بعد ٻي اننگز ۾ پاڻ سنڀالي ورتو، جنهن ۾ لورڪن ٽڪر سينچري ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، جيڪو 108 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو. ان کان اڳ پهرين ٽن بيٽرن جي ترت آئوٽ ٿيڻ بعد ٽيڪٽر 56 رنسن سان اسڪور وڌايو، اينڊريو بالبرني بھ 3 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، جنهن بعد لورڪن ٽڪر 108 جي اننگز کيڏي اسڪور وڌائي ورتو، ڪرٽس ڪيمفر رڳو هڪ رنسن ٺاهي، پي جي مور 16 رنسون ٺاهي سگهيو ۽ مارڪ ايڊيئر بھ 13 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو آهي. اهڙي ريت اينڊي مڪبرائن 71 رنسن ۽ گراهم همي 9 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا، راند ختم ٿيڻ وقت آئرلينڊ 131 رنسن جي برتري ماڻي ورتي هئي. بنگلاديش جي بالرن بنگلاديشي بالر تيجل اسلام 4 شڪار ڪري ورتا، شڪيب الحسن 2، عباد حسين ۽ شريف الاسلام هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button