اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف قومي اسيمبلي ۾ ٺهرا منظور

اسلام آباد :قومي اسيمبلي چونڊ سڌارن واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جي فيصلي کي رد ڪندي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو ۽ مطالبو ڪيو ته وزيراعظم سميت ڪابينا فيصلي تي عمل نه ڪري. ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ايم اين اي خالد مگسيءَ پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ جو فيصلو رد ڪرڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو ايوان اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو. اسيمبلي ميمبرن اتفاق راءِ سان ٺهراءُ جي منظوري ڏني، پر پي ٽي آءِ جي ميمبرن محسن لغاري ۽ محمود باقي مولوي مخالفت ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ايوان ۾ آيو ته ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس آجيان ڪئي. ٺهرا ۾ ٽي رڪني بئنچ بدران فل ڪورٽ ۾ ڪيس جي شنوائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته ايوان سياسي معاملن ۾ عدالتي مداخلت تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. ايوان سپريم ڪورٽ جي چئن ججن جي اڪثريتي فيصلي جي تائيد ڪندي ان تي عمل ۽ عدليا کان سياسي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. اڪثر حلقن پڻ فل ڪورٽ جو مطالبو ڪيو هو، پر ان کي نظرانداز ڪيو ويو. ٻين جماعتن جو موقف ٻڌڻ بنا ئي فيصلو ڏنو ويو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته چئن ججن جو اڪثريتي فيصلو نظرانداز ڪندي ٽي رڪني مخصوص بئنچ جي اقليتي راءِ مڙهي وئي، اها سپريم ڪورٽ جي پنهنجي روايتن، نظرين ۽ طريقيڪار خلاف آهي. ٺهراءِ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايوان سايسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ هڪ ئي وقت عام چونڊن کي مسئلن جو حل سمجهي ٿو. ايوان ٽي رڪني بئنچ جي فيصلي کي هڪ ايگزيڪيٽو سرڪلر ذريعي روڪڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. ايوان جي آرٽيڪل 63 اي جي غلط تشريح ۽ ان کي اعليٰ عدالت جي فيصلي ذريعي نئين سر لکڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. پاس ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ٽي رڪني اقليتي بئنچ جي فيصلي کي پارليامينٽ رد ڪري ٿي ۽ اڪثريتي بئنچ جي فيصلي کي لاڳو سمجهي ٿي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ايوان آرٽيڪل 184 ٽي تحت داخل ڪيس کي فل ڪورٽ ميٽينگ جي فيصلن تائين شنوائي لاءِ مقرر نه ڪرڻ واري فيصلي جي تائيد ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان سياسي معاملن ۾ عدالتي مداخلت تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو، تازو اقليتي فيصلو ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪري رهيو آهي ۽ وفاقي يونٽن ۾ ورهائجڻ جي راهه هموار ڪري رهيو آهي، ان ڪري هي ايوان ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ آئين ۽ قانون ۾ مروج طريقيڪار موجب سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت عام چونڊون ڪرائڻ کي سمورن مسئلن جو حل سمجهي ٿو. ٺهراءُ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هي ايوان 3 رڪني بينچ جي اقليتي فيصلي کي رد ڪري ٿو ۽ وزيراعظم سميت ڪابينا کي پابند ڪري ٿو ته انهي آئين ۽ قانون جي خلاف ڏنل فيصلي تي عمل نه ڪن. ان سان گڏوگڏ ايوان سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ طرفان نظرثاني ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو. جڏهن ته پي ٽي آ ميمبر محسن لغاري چيو ته اها غلط روايت قائم ڪري اسان مجموعي طور عدالت جي توهين ڪري رهيا آهيون، عدليه ۾ هلندڙ ڪيسن جي هتي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي. ٺهراءُ تي ڳالهائيندي جي يو آءِ جي ميمبر اسيمبلي مولانا اسعد محمود چيو ته ڪنهن به صورت ۾ اليڪشن ڪميشن جا اختيار سپريم ڪورٽ کي نه ڏينداسين. جيڪڏهن توهين عدالت ٿئي ٿي ته تيار آهيون، تڪرار سپريم ڪورٽ جي ججن پاڻ شروع ڪيو هو. هن چيو ته اڄڪلهه عدالتون توهين عدالت جا فيصلا ڪري رهيون آهن، هن وقت وزيراعظم سڀ کان وڏي امتحان کي منهن ڏئي رهيو آهي. اسان عمران خان سان ڳالهين جي ميز تي نه ويهنداسين، عمران خان سان چونڊن جي تاريخ طئي نه ڪنداسين. مولانا اسعد محمود عمران تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان يهودين جو ايجنٽ آهي، زمان پارڪ ۾ ڏينهون ڏينهن ملاقاتون ٿي رهيون آهن، عمران خان کي ڪنهن به صورت ۾ اقتدار ۾ اچڻ نه ڏينداسين. ياد رهي ته ان کان اڳ وفاقي ڪابينا به سُپريم ڪورٽ جي چونڊن بابت فيصلو پارليامنٽ جي ٺهراءُ سان ٽڪراءُ قرار ڏيندي رد ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button