اسلام آبادپاڪستان

اقليتي فيصلو لاڳو نه ڪرڻ گهرجي،فل ڪورٽ جوڙي وڃي:حڪومت

اسلام آباد : قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اقليتي فيصلو لاڳو نه ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن فل ڪورٽ نه جوڙي وئي ته مُلڪ ۾ سياسي ۽ آئيني بحران پيدا ٿي ويندو. ڪالهه اسلام آباد ۾ پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته سڄي ملڪ ۾ عام چونڊون هڪ ئي وقت ٿيڻ گهرجن، آئين پٽاندڙ عام چونڊن جو طريقو طئي ٿيل آهي. عدالت صلاح مشوري سان اليڪشن ڪميشن کي تاريخ ڏيڻ جو چيو، اليڪشن ڪميشن بااختيار ۽ خودمختياري ادارو آهي، پاڻ پنهنجي معاملا ڏسي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته پنجاب جي گورنر اسيمبلي ٽوڙڻ واري سمري تي صحيح کان انڪار ڪيو، آئين موجب مقرر وقت بعد پنجاب اسيمبلي پاڻ ٽٽي وئي، اسيمبلي ٽٽي ئي تڪراري نموني سان هئي. هن چيو ته سُپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس واري معاملي تي قانون سازي وارو عمل جاري آهي، معاملي تي پارليامينٽ بل جي منظوري ڏني، چيف چونڊون ملتوي ٿيڻ تي نوٽيس ورتو، ڪي پي ۽ پنجاب جي هاءِ ڪورٽن ۾ عام چونڊن بابت درخواستون شنوائي هيٺ آهن. هن چيو ته پاڻمرادو نوٽيس تي ٻه جج پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري چڪا آهن، راءِ ڏيندڙ ٻنهي ججن بينچ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو، چونڊن بابت 184 ٿري تي جسٽس فائز عيسيٰ جو واضح فيصلو موجود آهي. جيڪڏهن فل ڪورٽ نه جوڙي وئي ته مُلڪ ۾ سياسي ۽ آئيني بحران جنم وٺندو. سندس چوڻ هو ته پهرين مارچ آيو ته سندن موقف هو ته ٽن جي ڀيٽ ۾ چار تان ڪيس خارج ٿيو، چئن ججن درخواستون خارج ڪيون ۽ ٻن ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو ته حڪومت سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تي قانوني ماهرن کان مشورو ورتو. جڏهن ته قومي اسيمبليءَ سپريم ڪورٽ کي نظرثاني درخواست ڪئي، اقليتي فيصلو لاڳو نه ٿيڻ گهرجي. فل ڪورٽ جي قومي اسيمبليءَ جي بل کي به سُپريم ڪورٽ اهميت نه ڏني، سينيئر ججن کي به بئنچ کان پري رکيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button