اسلام آبادپاڪستان

عدالت فل ڪورٽ بڻائي، فيصلو قبول ڪنداسين:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته ڪائي سياسي پارٽي اليڪشن کان نه پئي ڀڄي، جيڪا پارٽي اليڪشن کان ڀڄندي ان جي سياست دفن ٿي ويندي. اڄ به عدالت کي چونداسين ته پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري عدالت فل ڪورٽ بڻائي جيڪو فيصلو ٿيندو قبول ڪنداسين. لائرز ڪمپليڪس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته وڪيلن عدليا بحالي لا گوليون ڏنڊا، برداشت ڪيا، اسان کي ته حڪم ڏنو وڃي ٿو ته وزيراعظم اڪيلي سر ڪجهه نه آهي جن هي حڪم ڏنو، پنهنجي مٿان فيصلو ڇو نٿا لاڳو ڪن. عدالت جو اسان سڀ احترام ڪريون ٿا، 9 رڪني بئنچ ٺهي پوءِ آخر ۾ ٽه رڪني بئنچ وڃي بچي. جيڪڏهن فل ڪورٽ جو مطالبو مڃيو وڃي ها ته ڪوبه اختلاف نه ڪري ها. لائرز ڪمپليڪس ۾ جيڪڏهن اسپورٽس ڪمپليڪس نه آهي ته ان کي شامل ڪيو وڃي. عورتن ۽ مردن لاءِ سوئمنگ پول به هجڻ گهرجي. هن چيو ته وڪيلن قانون جي حڪمراني ۽ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. وڪيلن کي هي مقام ڪنهن پليٽ ۾ رکي ناهي ڏنو. هن عدليا بحالي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته وڪيلن کان وڌيڪ آئين ۽ قانون لاءِ ڪنهن جدوجهد ناهي ڪئي. قاضي فائز عيسيٰ بئنچ کي سرڪلر جي ذريعي ختم ڪيو ويو، اسان اپيل داخل ڪئي آهي ان بابت ڪا خبر نه آهي. سياسي پارٽين کي ڌر ناهي بڻايو ويو، هر اسٽيڪ هولڊرز کي پنهنجي اندر جهاتي پائي ڏسڻو پوندو. شهبازشريف چيو ته اسان ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ ڪرڻ چاهيون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button