رانديون

سفيان جي جونيئر ايشيا هاڪي ڪپ ۾ شرڪت جا امڪان چٽا ٿي ويا

پاڪستان جي جونيئر هاڪي ٽيم جي رانديگر سفيان خان جي جونيئر ايشيا هاڪي ڪپ جي ايونٽ شرڪت ڪرڻ جا امڪان چٽا ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي اختيارين نيوي عملدارن سان ڳالهيون ڪري سفيان جي حوالي سان سمورا معاملا طئي ڪري ورتا آهن. فيڊريشن جي سيڪريٽري حيدر حسين جو چوڻ آهي تھ نيوي اختيارين سان معاملي تي ڊائريڪٽر محمد ڪامران جون ڳالهيون ٿيون آهن، نيوي اختيارين سفيان جا ڪيس ختم ڪرڻ ۽ معاملا حل ڪرڻ جي خاطري ڏني آهي. هن ٻڌايو تھ نيول چيف معاملي ۾ دلچسپي ورتي. هن جو چوڻ هو تھ سفيان قومي اثاثو آهي، کيس نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ياد رهي تھ تربيتي ڪيمپ ۾ نيوي عملدارن سفيان جي ڳولا ڪندي خراب سلوڪ اختيار ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button