رانديون

بيلنڊا ۽ پگولا چارلسٽن اوپن جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويون

چارلسٽن اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا جاري مقابلن ۾ آمريڪا جي رانديگرياڻي جيسيڪا پگولا اسپين جي پائولا بڊوسا کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي، ميچ ۾ جيسيڪا پگولا 6، 3 ۽ 7، 6 تان پائولا بڊوسا کي شڪست ڏني آهي. هوڏانهن ٻئي ڪوارٽر فائنل ۾ سوئٽرزلينڊ جي ٽينس اسٽار بيلنڊا بينڪڪ مخالف رانديگرياڻي روس جي ايڪاٽرينا ايليگزينڊروف کي 6، 3 ۽ 6، 3 جي پوائينٽس تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button