رانديون

آمريڪا جو عالمي رڪارڊ رکندڙ سائيڪلسٽ ايٿن روڊ حادثي ۾ فوت

آمريڪا ۾ 10 ڀيرا قومي چيمپيئن رهندڙ عالمي رڪارڊ ماڻيندڙ سائيڪلسٽ ايٿن بائيز روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق ايٿن بائيز سائڪلنگ ۾ آمريڪا جو 10 ڀيرا قومي چيمپيئن رهيو آهي، جڏهن تھ هن وٽ 500 ميٽر ٽريڪ ٽائيم ٽرائل ۾ تيز ترين فلائنگ اسٽارڪ جو رڪارڊ پڻ آهي. ايٿن 1000 ميٽر ٽائيم ٽرائل ۾ عالمي رڪارڊ پڻ ٺاهيو هو. پوليس جو چوڻ آهي تھ ايٿن بائيز سان فرانسسڪو ۾ سائيڪلنگ ڪندي گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button