رانديون

تيونس اسٽار انس جابر چارلسٽن اوپن جي چيمپئين بڻجي وئي

تيونس جي ٽينس اسٽار جابر چارلسٽن اوپن جو فائنل کٽي ٽورنامينٽ جي نئين چيمپئين بڻجي وئي آهي، سوئٽرزلينڊ جي بلينڊا بينڪڪ کي اپ سيٽ شڪست ملي آهي. ميڊيا مطابق ٽينس ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ انس جابر سوئٽرزلينڊ جي بلينڊا بينڪڪ کي 7، 6 ۽ 6، 4 جي حسان سان هارائي اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. هوڏانهن انس جابر سيزن جو پهريون ٽائيٽل ماڻڻ تي خوش ٿي وئي آهي.

ٽينس رانديگرياڻيون انس جابر ۽ بلينڊا بينڪڪ

هن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران پنهنجي سمورن ڪوچز جي ڀرپور ساراهه ڪئي آهي. جڏهن تھ ٽورنامينٽ جي دفاعي چيمپيئن پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button