
ارجنٽينا کي عالمي ڪپ کٽرائي ڏيندڙ ليونل ميسي سعودي عرب جي فٽبال ڪلب النصر ۾ رونالڊو سان گڏ ڪمپني ٺاهڻ جي تياري ڪري ورتي آهي ۽ امڪان آهي تھ ان حوالي سان جلد معاهدو ڪيو ويندو. ميڊيا مطابق ليونل ميسي جي بارسلونا ۾ شموليت جا امڪان گهٽجي ويا آهن ۽ فرانس جي ڪلب پيرس سينٽ جرمن سان بھ معاهدو ختم ٿي رهيو آهي، تنهنڪري هن النصر ڪلب سان شموليت تي غور شروع ڪري ڏنو آهي.