رانديون

ڀارتي ٽيم پاڪستان اچي، سيڪيورٽي جو مسئلو ناهي: جاويد ميانداد

پاڪستان جي ليجنڊ ڪرڪيٽر جاويد ميانداد چيو آهي تھ ڀارتي ٽيم ايشيا ڪپ ۾ شرڪت خاطر پاڪستان اچي وڃي، ڇوتُڳ هتي سيڪيورٽي جو ڪوبھ مسئلو ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ موت جنهن ڏينهن ۽ جتي بھ لکيل هوندي، اتي اچي ويندي، تنهنڪري سيڪيورٽي کي جواز نھ بڻايو وڃي. هن چيو تھ ايشيا ڪپ ۾ شرڪت جي حوالي سان ڀارت جي انڪار سان ٽورنامينٽ خطري ۾ پيل آهي، تنهنڪري ڪرڪيٽ کي سياست ۾ نھ ڌڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button