رانديون

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ پهريون ٽي 20 سڀاڻي ٿيندو، تياري مڪمل

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ پهريون ٽي 20 سڀاڻي ٿيندو، جنهن جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق لاهور ۾ پهرين ٽي 20 ميچ دوران مهمان ٽيم کي ٻنهي ڪپتان پاران ڪاميابي جو عزم ڪيو آهي. هوڏانهن ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ڀرپور نموني سان پريڪٽس سيشن ڪيو، جنهن دوران انهن ڪنڊيشنس سان پنهنجو پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻ جا جتن ڪيا آهن. ٻئي پاسي گهرو وزارت ٽي 20 ۽ ون ڊي دوران نيوزيلينڊ جي ٽيم کي وي آئي پي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي تھ جيئن مهمان ٽيم بنا پريشاني جي ايونٽ ۾ شريڪ رهي. هوڏانهن تيز بالر نسيم شاهه جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تھ لاهور جا ماڻهو ڪرڪيٽ جا ديوانا آهن، اميد تھ اهي نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ ميدان تي اچي سپورٽ ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button