رانديون

جونيئر ايشيا هاڪي ڪپ 23 مئي کان شروع، شيڊول جاري ٿي ويو

جونيئر ايشيا هڪي ڪپ جي مقابلن جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ايونٽ 23 مئي کان شروع ٿيندو ۽ پهرين جون تي ختم ٿي ويندو. ميڊيا مطابق جونيئر ايشيا هاڪي ڪپ جي مقابلن جي ميزباني هن ڀيري عمان کي ڏني وئي آهي، جنهن تحت مقابلا شهر صلالا ۾ ڪيا ويندا. ٽورنامينٽ ۾ شامل ٽيمن کي ٻن پولن ۾ ورهايو ويو آهي، پول اي ۾ پاڪستان، ڀارت، جاپان، ٿائيلينڊ، چائنيز ٿائي پي شامل آهن. پول بي ۾ ڪوريا، ملائشيا، عمان، بنگلاديش ۽ ازبڪستان شامل هوندا. جڏهن تھ پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ 23 مئي تي چائنيز ٿائي پي خلاف کيڏندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button