رانديون

فيئر بريڪ ٽورنامينٽ جي 5 پلي آف ۾ ٽورناڊوس هٿان سيفائرز ويمنز کي شڪست

فيئر بريڪ ويمن ٽي 20 ڪرڪيٽ ليگ جي 5 پلي آف مقابلي ۾ ٽورناڊوس ويمن جي ٽيم 55 رنسن تان سيفائرز ويمنز کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ٽورناڊوس ويمنز 5 وڪيٽن تي 115 رنسون ٺاهي هدف ڏنو، جنهن جي موٽ ۾ سيفائرز ويمن جي ٽيم رڳو 60 رنسن تي آئوٽ ٿي شڪست کائي وئي آهي. ٽروناڊوس جي بالرن مان پاڪستان جي عاليا رياض هڪ وڪيٽ ورتي، سيتا رانا مگر، ونفريڊ درائسنگم ۽ چنيدا سدررانگ 3، 3 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button