
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابراعظم ٽي 20 ميچ جي 100 ميچ کيڏي هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪري وٺندو. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ خلاف اڄ رات 9 وڳي رٿيل ميچ بابراعظم جي ڪيريئر جي 100 ميچ هوندي. ان کان اڳ شعيب ملڪ 123 ۽ محمد حفيظ 119 ٽي 20 ميچچ کيڏي چڪا آهن. جڏهن تھ بابراعظم ٽي 20 ميچن جي سينچري مڪمل ڪندڙ ٽيون پاڪستاني ڪرڪيٽر طور پنهنجي جڳهه ٺاهيندو.