رانديون

ياسر عرفات کي بالنگ ڪوچ جو آسرو ڏئي معذرت ڪئي وئي

پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ياسر عرفات کي قومي ٽيم جي بالنگ ڪوچ جو آسرو ڏئي کائنس معذرت ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق ياسر عرفات کي مڪي آرٿر جي ٽيم طور ڪم ڪرڻ جي ڏس ۾ رابطو ڪري بالنگ ڪوچ جي آڇ ڪئي وئي، جنهن بعد لنڊن ۾ ترسيل ياسر عرفات اتي جي ڪائونٽي کي پنهنجي استعيفيٰ ڏيڻ جي آگاهي بھ ڏني ۽ پاڪستاني ٽيم جي ڪو لاءِ مڪمل دستيابي جي خاطري ڏني، پر هاڻ ساڻس ڪنهن بھ قسم جو رابطو ناهي ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي تھ ٽيم جي ڪوچ مڪي آرٿر ياسر عرفات سان رابطو ڪري کائنس معذرت ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تھ پي سي بي موجب ڪوچنگ اسٽاف ۾ ڪوبھ پاڪستاني رانديگر شامل ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button